by Rukhsar Khaskhaly
Anthropologist
khaskhelirukhsar11@gmail.com
سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي تي عمل (2013):
سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آھي جنھن 1929ع ۾ پاس ڪيل ھڪ قانون کي اپ ڊيٽ ڪيو ۽ 18 سالن کان اڳ شادين تي پابندي لڳائي وئي. ۽ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي پھرين اسيمبلي آھي جتي ان قسم جو بل پاس ڪيو ويو. سنڌ حڪومت بجاء ملڪ جي پھرين چونڊيل اسيمبلي بڻجڻ جو ڪريڊٽ کڻي ٿي. دنيا ۾ پاڪستان ڇھون وڏو ملڪ آھي جتي ڇوڪرين جي 15 سالن کان گھٽ عمر ۾ شادي ڪئي ويندي آھي. ھن قانون تحت خلاف ورزي ڪندڙن لاء سخت قيد ٽن سالن تائين سزا ڏني ويندي، سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي تي عمل (2013) موجب پاڪستان ۾ سنڌ جي صوبائي اسيمبليء ۾ ڪنھن به ٻارن جي شادي ارڙھن سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي شادي جو سختي سان منع ڪيو ويو آھي، اھو ايڪٽ ھڪ مرد معاھدو ڪندڙ پارٽي لاء ڏنڊ فراھم ڪندو ۽ اھو شخص جيڪو سرپرستي ڪندو ان کي به سزا ڏني ويندي ،
ننڍي عمر جي شادي واري عمل سان اسان جي معاشري ۾ ٻارن جي اسمگلنگ ۽ اسٽريٽ چلڊرن جا مسئلا تيزي سان وڌي رھيا آھن انڪري ھن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ننڍي عمر ۾ شادي واري عمل تي ھلڻ جي سخت ضرورت آھي. اسان جي سنڌ ۾ رھنڌڙ سنڌي والدين کي گھرجي تي پنھنجي اولاد کي هڪ سٺي تربيت ڏين، تعليم ڏين، صحيح ۽ غلط جو فرق ٻڌائن ۽ پوء جڏھن اھو ٻار بالغ ٿئي سوچ سمجھ وارو ٿئي پوء ان جي شادي ارڙھن سالن جي عمر ۾ انھن جي رضامندي سان ڪرائي وڃي اگر شادي ڪندڙ ڇوڪرو يا ڇوڪري ٻنھي مان ڪو ھڪ راضي ناھي ته ان تي ڪا به زبردستي نه ڪئي وڃي اگر ٻارن جي ڳالھ نه مڃي وئي ۽ انھن جي بغير رضامندي سان شادي ڪرائي وئي ته انھن تي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.
اسان جي سنڌ ۾ اڃا به ڪافي اھڙا ڳوٺ آھن جتي ٻارن جون شاديون انھن جي بغير رضامندي جي ڪيون وينديون آھن. ڇو ته ڳوٺن ۾ جڏھن ٻار پيدا ٿيندا آھي ته پوتي وجھي نالي تي ڪري ڇڏيندا آھن ۽ پوء اھو ٻار پٽ يا ڌيء بالغ ھجي يا نه، پر شادي ڪرائي ڇڏيندا آھن ۽ پوء ننڍپڻ جي شادي وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اولاد ٿي ويندو آھي ۽ ارڙھن سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪري ۾ اولاد پيدا ڪرڻ جي سگھ نه ھوندي آھي ۽ ڪافي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي ۽ پوء انھن جي زندگي خطري ۾ ھوندي آھي. ۽ ھئينر جي دور ۾ اھي رشتا بلڪل به ناھن ھلندا جيڪي بي سمجھ ٻارن جي شادي ڪرائي ويندي آھي، اڄ جي دور ۾ ھر ڇوڪرن، ڇوڪرين کي پنھنجي زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۽ ھڪ بھترين زندگي گذارڻ جا پورا حق آھن ته ھو پنھنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪري ٿا سگھن ان عمل ۾ جيڪو به ساٿ ڏيندو ان سربراه جو ان تي ڪيس ڪيو ويندو.
مثال طور: جيئن ڪنھن ڳوٺ ۾ ننڍي عمر ۾ ڪنھن جوڙي جي شادي ٿي رھي آھي ان ۾ ان ٻارن جي گھر وارن سان گڏوگڏ جيڪي مائيٽن مان ڏاڏا، نانا، چاچا،ماما ،ڳوٺ وارا، مولوي نڪاح پڙھائڻ وارو، ۽ ان نڪاح ۾ شامل ٿيل ماڻھن تي به قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان عمل کي روڪڻ لاء پاڪستان، سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي جي اصولن (2016) ۾ متعارف ڪرايا ويا آھن. جيڪي ھيٺ تفصيل ۾ ڏنا ويا آھن.
سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي وارا اصول (2016):
سنڌ حڪومت، پاڪستان پاران ٻارن جي شادي کي روڪڻ ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ کان اهي ضابطا سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي تي عمل (2013) تحت لاڳو ڪيا ويا، جنهن تحت 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڪنهن به شخص جي شادي ڪرڻ غير قانوني قرار ڏنو ويو. سنڌ ۾ ننڍي عمر واري شادي جي 2016 ۾ ڏنل اصولن سان شادي ڪرڻ گھرجي جيڪي قانون جي مطابق ٻڌايا ويا آھن.
1: عمر جي حد:
شادي ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي عمر گھٽ ۾ گھٽ ارڙھن سال ھجي ۽ ان جو شناختي ڪارڊ پڻ ٺھيل ھجي.
2: قانوني ڪاروائي:
اگر ارڙھن سال کان گھٽ عمر ۾ شادي ڪئي وئي ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مائيٽن تي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ جنھن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ ھڪ لک رپيا جرمانو ڀرڻون پوندو.
3: گھٽ عمر جي شادي جا نقصانات:
گھٽ عمر جي شادي جا ڪيترائي نقصان آھن جنھن ۾ ڇوڪرو يا ڇوڪري ان ماحول کان اڻواقف ھوندا آھن ۽ انھن کي صحيح غلط جي ڄاڻ نه ھوندي آھي ۽ ان عمر ۾ شادي ڪرائي ٻارن تي ڪئي ذميداريون مسلط ڪيون وينديون آھن. ۽ اھي ٻار انھن ذميدارين کي صحيح نموني سان نڀائي ڪون سگھندا آھن ۽ پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويھندا آھن.
4: تعليم ۽ شعور جو ھجڻ لازم:
چائلڊ ميريج ريسٽرنٽ رولز 2016 جي مطابق جيڪي اصول ڏنا ويا ان ۾ تعليم جي عمل کي ضروري قرار ڏنو ويو. ڇو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ضروري آھي جڏھن انھن کي تعليم ھوندي ته ھو پنھنجي عقل، سوچ سمجھ، کان واقف ھوندا ۽ صحيح غلط جو فيصلو پاڻ ڪري سگھندا.
5: صحت:
ننڍي عمر جي شادي ۾ صحت تي به وڏو اثر پوندو آھي ڇو ته جڏھن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي بغير رضامندي جي شادي ڪرائي ويندي آھي ته اھي ذھني ۽ جسماني طور نفسياتي ٿي ويندا آھن ۽ انھن پريشانين جي ڪري بلڊپريشر، شگر، ٽراما ۽ ٻيون ڪافي بيماريون ٿينديون آھن ۽ ننڍپڻ ۾ ئي جلدي جلدي اولاد ٿي ويندو آھي ته پوء اھي پنھنجي اولاد جي تربيت به صحيح نموني سان ڪون ڪري سگھندا آھن.
6: ننڍي عمر ۾ گھر گھاٽ جون ذميداريون:
ارڙھن سال جي عمر کان گھٽ عمر وارين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو صرف راند روند ۾ ڌيان ھوندو آھي ۽ جڏھن ان کي کيڏڻ واري عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي ته سمجھو اھي ڪنھن قيد ۾ بند ٿي ويا ڇو ته شادي کان پوء ان ڇوڪري يا ڇوڪري کي ھر ڳالھ کي منھن ڏيڻو پوندو آھي ۽ پوري گھر کي سنڀالڻو پوندو آھي. ۽ ھر ذميداري کي صحيح نموني سان نڀائڻو پوندو آھي.
- گھريلو تشدد:
ننڍي عمر ۾ شادي ڪري ۽ ان تي ڪنھن قسم جو تشدد به ڪيو ويندو آھي ۽ ان کي خوف ڏئي ھيسايو ويندو آھي ۽ ھر وقت ان کي ڊپ ۾ رکيو ويندو آھي ۽ ننڍي ٻار کان گھر جو ڪم ڪار ڪرايو ويندو آھي ۽ ٻيون به ذميداريون ڏنيون وينديون آھن ۽ ڪو به احساس ڪرڻ وارو ناھي ھوندو. ڪافي ته ڇوڪرين کي گھر ۾ ننڍي ننڍي ڳالھ تان ماريو به ويندو آھي ايترو ٽارچر ۽ ڊيڄاريو ويندو آھي جو ھو پنھنجي مائيٽن سان به ڳالھ ڪون ڪري سگھنديون آھن ۽ ان ظلم ۾ به مجبور ٿي پنھنجي گھر ۾ ويٺيون ھونديون آھن.
ارڙھن سالن جي عمر ۾ شادي ڪرڻ جا قانون:
نڪاح جي رجسٽريشن:
.سنڌ ۾ ٿيندڙ سموريون شاديون لاڳاپيل اختيارين وٽ رجسٽرڊ ٿيڻ گهرجن.
.جيڪڏهن ڪنهن به جوڙي جي عمر 18 سالن کان گهٽ ٿي ته ڪا به شادي رجسٽرڊ نٿي ٿي سگهي.
. ايڪٽ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن لاءِ سزا مقرر ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ڀرڻون پوندو.
.جوڙن جي ٻنهي ڌرين لاء ضروري آهي ته هو پنهنجي ارڙھن سال عمر لاء پنھنجو شناختي ڪارڊ يا ڪو ٻيو ثبوت ڏين.۽ شادي لاءِ رضامندي جو ثبوت به ڏين.
آگاهي مهم:
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها آگاهي مهم شروع ڪري ته جيئن ٻارن جي شاديءَ جي نقصانڪار اثرن بابت عوام کي آگاهي ڏني وڃي.
سنڌ ۾ ننڍي عمر واري 2016 جي اصولن جو مقصد تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين واري عمل کي روڪڻ آهي، جنھن جي وجه سان نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ سنگين جسماني، ذهني ۽ جذباتي نتيجا نڪري سگھن ٿا. سنڌ ۾ ٻارن جي شادين کي ختم ڪرڻ ۽ ٻارن جي بهتري کي وڌائڻ لاءِ انهن ضابطن تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي
